ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ

ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ (ڪتاب ):مشهور شاعره ۽ ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو هي اصلوڪو ناول، آگسٽ 1985ع ۾ ڪونج پبليڪيشن، بمبئيءَ، پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 15 رپيا آهي. هيءُ ناول ريٽا شهاڻيءَ جي پهرين نثري تصنيف آهي، جنهن ۾ عام انساني جيون جي رشتن ناتن ۾ اُلجهيل هڪ سڌي سنواٽي ۽ انوکي ڪهاڻي سمايل آهي. هڪ مسافر منزل جي تلاش ۾ پنهنجو سڀڪجهه تياڳڻ لاءِ تيار آهي. هيءُ ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل ناول، 122 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو